نامياري شاعره پشپا ولڀ

نامياري شاعره پشپا ولڀ

پشپا ولڀ

پـشـپا ولـڀ: سنڌي ٻوليءَ جـي خـوبصـورت شـاعـره پشپا ولڀ، نامياري ليکڪ ۽ سنڌيڪار ولي رام ولڀ جي گھر، مٺيءَ ۾ 15 جنوري 1963ع تي جنم ورتو. نذرٿ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج مان 1986ع ۾ ايم. بي. بي. ايس ڪيائين. بعد ۾ هن مائڪرو بايولاجيءَ ۾ ايم. فل ڪئي. جڏهن ته جينيٽڪس ميڊيسن ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهي آهي. ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ پيٿالاجيءَ جي سينيئر ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڏهه سـال خـدمت ڪـرڻ کان پـوءِ هاڻي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر (مائيڪرو بايولاجي) طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. 1988ع جي ڊسمبر ۾ سندس شادي قلمڪار/ نثري نظم جي شاعر ڊاڪٽر مرلي لال ڇاٻڙيا سان ٿي، جيڪو سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ۽ ٽرانسپلانٽ ڪراچيءَ ۾ پروفيسر آهي ۽ روزاني ’عوامي آواز‘ جو پندره روزه ’هيلٿ ميگزين‘ صفحو سهيڙي ٿو. پشپا ولڀ لکڻ جي شروعات ٻارهن ورهين کان ڪئي، جڏهن ته ڇپجڻ جو سلسلو ڪاليج واري دؤرکان شروع ٿيس. نذرت ڪاليج پاران نڪرندڙ ادبي رسالي جي ايڊيٽنگ کان پوءِ، نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج پاران نڪرندڙ رسالو ’مارئيءَ‘ به ايڊٽ ڪيائين ۽ ڪجھه وقت ’عوامي آواز‘ جي ادبي صفحي ’تخليق‘ ۾ به وقت ڏنائين. نثري نظم جي حوالي سان سندس شمار هڪ منفرد شاعره جي حيثيت ۾ ٿئي ٿـو. اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به نظم لکيا اٿس، جيڪي ’آرسي‘ (سنڌي)، ٽِماهي ’مهراڻ‘ (سنڌي)، ’پرهه ڦٽي‘ (سنڌي)، ’مـاه نؤ‘ (اردو)، ’جفاڪش‘ (اردو)، ’ڪونج‘ بمبئي ۽ ٻين ڪيترن مخزنن ۾ شايع ٿيا آهن.
1985ع ۾ ساهـت چتـر پبلشــرز پاران سندس شـاعـريءَ جو مجمـوعـو ’دريءَ کان ٻاهر‘ شايع ٿيو. تازو سندس ٻيو مجموعو ’بند اکين ۾ آسمان‘ 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.


لفظ پشپا ولڀھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.01.15  عيسوي

پشپا ولڀ 15 جنوري 1963ع تي مٺيءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علامي محمد ٺٽوي
بيبي بتول
پارو چاولا
قاضي عبدالرسول
پارو شاهه
پنا لال بي ڪشوراڻي
انور اقبال بلوچ
امين کوسو
جلال الدين شاهه
سيد ناز لطيفي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون